سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائي

سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائي : علامه اسد الله شاهه ”فدا“ ۽ حاجي محمد حافظ شاهه جو ڀائيٽو ۽ سيد حاجي غلام شاهه جو وڏو فرزند سيد محمد عالم شاهه ”عالم“، 30 جمادي الاول 1306هه/ 1888ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم لاءِ کيس علامه حافظ محمد يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. پاڻ اڃا حافظ صاحب وٽ پڙهندو هو، ته هڪ ڏينهن، مسٽر پرنگل، هالا ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، حافظ صاحب جي مڪتب جو معانئو ڪرڻ آيو. مڪتب ۾ ٻين شاگردن سان گڏ، محمد عالم شاهه کان به چند عقلي سوال پڇيائين. پرنگل صاحب عالم شاهه جي جوابن مان سندس تيز فهم هجڻ جو پورو پورو اندازو لڳايو ۽ سيدن کي چيائين ته: ”عالم شاهه کي انگريزي تعليم ڏيو.“ سيدن پرنگل صاحب جي صلاح قبول ڪئي ۽ جيستائين عالم انگريزي پڙهڻ لڳو، تيستائين علامه ”فدا“ وٽ حافظ بسمل ۽ فيض محمد شاهه سان گڏ عربي پڙهڻ لڳو. سال کن کان پوءِ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ ويهاريو ويو. جتي مئٽرڪ تائين پڙهيائين، پر يونيورسٽيءَ کيس وڏي عمر هئڻ ڪري امتحان ۾ نه ويهڻ ڏنو. (انهيءَ وقت مئٽرڪ جي امتحان لاءِ عمر جي حد مقرر ٿيل هئي). مدرسي کي ڇڏي ائين ئي بيڪار پئي گھميو، ته کيس نور محمد ۽ دين محمد (عليگ) صلاح ڏني ته: ”عليڳڙهه پڙهڻ وڃ“. ٿوري عرصي کان پوءِ عالم شاهه عليڳڙهه وڃي پهتو. مگر الله تعاليٰ کي سندس وڌيڪ تعليم منظور نه هئي، ڳوٺ ۾ سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجي ويا ۽ کيس واپس گھرايو ويو، ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس تعليم جو سلسلو هميشه لاءِ منقطع ٿي ويو. عالم شاهه کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. خاص ڪري علامه ”فدا“ ۽ حافظ شاهه جي صحبت مان جھجھو فيض پرايائين. سندس غزلن ۽ ڪافين ۾ نج سنڌي لفظ گھڻي قدر ڪم آيل آهن. ڪافين ۾ چڱو سوز ۽ اثر آهي. ڪافين تي حافظ شاهه جي صحبت جو جھجھو رنگ چڙهيل اٿس. ٻين شوقن وانگر شاعريءَ جو شوق به زماني جي لاهين چاڙهين ڪري کانئس ڇڏائجي ويو ۽ اڳتي هلي انهيءَ علم و ادب جي مشغلي کان ايترو دور ٿي چڪو هو، جو سندس ڪتب خانو جنهن ۾ ڪيترائي علمي ۽ ادبي نادر الوجود ڪتاب موجود هئا ۽ ان ۾ خود سندس بياض به موجوده هو، سو گھڻي وقت نه ڏسڻ ڪري اوڏهيءَ جو کاڄ ٿي ويو ۽ هڪڙو ورق به صحيح سلامت نه مليو. صرف چار ڪافيون ئي ملي سگھيون آهن. شاهه صاحب هڪ چڱو تاريخدان هو. خاص ڪري اسلامي تاريخ تي چڱو مَلڪو حاصل هئس. سندس گفتگو نهايت سهڻي ۽ عالمانه هئي. افسوس، شاهه صاحب 30 مئي 1955ع (1375هه) ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

سيد محمد عالم شاهه ” عالم “ ، 30 جمادي الاول 1306هه/ 1888ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو


1955.05.30  عيسوي

سيد محمد عالم شاهه 30 مئي 1955ع ( 1375هه ) ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان بلوچ
پوپ گريگوري
اميد علي سٺيو
چنا محمد عالم
ادا قاضي
جانش بهادر ۽ جان بيگ
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
الهه بخش ٽالپر
جوزف اسٽالن
ڀليڏنو کٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون